شيرل ‘بيوس’ باڊاهي

شيرل ‘بيوس’ باڊاهي

شيرل بيوس باڊاهي

شيرل ‘بيوس’ باڊاهي: ناليواري عوامي شاعر شيرل ‘بيوس’ باڊاهيءَ جو پورو نالو شير خان ولد حاجي رمضان نوناري هو. سندس جنم 12 جنوري 1921ع تي ڳوٺ حيدر چانڊيو، تعلقي ميري خان، ضلعي لاڙڪاڻي (هاڻوڪي قنبر شهدادڪوٽ) ۾ ٿيو. بعد ۾ سندس والد باڊهه ۾ اچي رهائش پذير ٿيو. شيرل باڊاهي سنڌي فائنل جو امتحان پاس ڪري تپيدار ٿيو. ڪجهه عرصي کانپوءِ نوڪري ڇڏي ڏنائين ۽ سارين ڇڙڻ واري مشين تي خانگي طور منشي ٿيو. جوانيءَ ۾ مسڻن جي ڳوٺ ۾ محمد بخش مسڻ سان گهاٽي دوستي ۽ محبت هئس، جيڪو جوانيءَ ۾ وفات ڪري ويو، جنهنڪري شاعري شروع ڪيائين. پهريان فلمي گانن جي طرز تي سنڌي گيت لکندو هو، جيڪي جهر جهنگ ڪافي مقبول ٿيا. ان بعد تصوف ڏانهن لاڙو ٿيس ۽ صوفيانا شعر چيائين. سندس شاعريءَ ۾ خوبصورتي، منظرنگاري، درد، وڇوڙي جا داستان موجود آهن. شيرل پنهنجو تخلص ‘بيوس’ رکيو ۽ پنهنجي نڪور شاعري محفلن ۾ پڙهي خوب داد حاصل ڪيو. پنهنجي وقت جي ناليواري عوامي شاعر شيرل باڊاهيءَ بابت تاج جويي، ڪتاب ‘پکي ٿي اڏامي وڃان’ ۾ لکيو آهي ته، “هڪ ڀيري لياقت ميڊيڪل ڪاليج ڄام شوري ۾ ادبي ڪانفرنس ۾ عابده پروين، شيخ اياز جو ڪلام ‘سنڌڙيءَ تي سِر ڪير نه ڏيندو’ ڳائڻ دوران وزير صاحب پنهنجي ڀر ۾ ويٺل وڏي اديب کان پڇيو ته عابده ڪنهن جو ڪلام پئي ڳائي. اديب وراڻيو شيخ اياز جو. وزير موصوف حيرت مان پڇيو ته ڇا اياز، شيرل باڊاهيءَ کان به وڏو شاعر آهي؟”
شيرل باڊاهي عوامي سطح تي ايترو مشهور هو. اها شيرل باڊاهيءَ جي عوامي مقبوليت هئي. سندس شعرن جا لفظ سادا، ٻولي سادي، خيال عام ۽ جذبا سچا هئا. جنهن کي ننڍي وڏي پسند ڪيو پي. شيرل باڊاهيءَ جو ڪلام ريڊيو پاڪستان توڙي آل انڊيا ريڊيو تان به نشر ٿيندو رهيو. سندس همعصر شاعرن ۾ ماسٽر چندر، دادن فقير، پرسرام ضيا، ورند واڻيو، هوندراج دکايل، غلام حسين فنائي، پيرل قنبر وغيره قابل ذڪر آهن.
شيرل باڊاهيءَ عشق ۾ چوٽ کائڻ ڪري سڄيءَ عمر شادي نه ڪئي. شيرل سٺا ڏاند ۽ مينهون پالڻ سان گڏ مختلف درگاهن تي حاضريون ڀرڻ جو شوق رکندو هو. هن هزارن جي تعداد ۾ ڪلام لکيو، پر پونيرن مان ڪوبه پڙهيل نه هجڻ سبب سندس اڪثر ڪلام ضايع ٿي ويو. شيرل باڊاهيءَ جا هيٺيان ڪيترائي ڪلام ٻڌندڙن ۾ مقبول ٿيا:
1. ادا ڙي عمر! منهنجا ڀائو ڳالهيون ڳڻ ڳائيندس (رونا ليليٰ)
2. اسان جي يار ياراني، قبوليندين ته خوش هوندين
3. پرينءَ جو ڇا حال آ (مائي ڀاڳي)
4. باڊهه ۾ شيرل تنهنجو غلام آ
شيرل باڊاهيءَ جي شاعري ماسٽر چندر، رونا ليليٰ، جلال چانڊيي سميت ڪيترن فنڪارن ڳائي آهي. هن 17 نومبر 1956ع تي وفات ڪئي. سندس ڪلام جو مجموعو ناليواري صحافي ۽ نوجوان اديب واحد ڪانڌڙي ’پکي ٿي اڏامي وڃان‘ جي نالي سان، 2006ع ۾ شايع ڪرايو، جنهن جو مهاڳ ناليواري شاعر وسيم سومري لکيو آهي، جڏهن ته نصير مرزا، امداد حسيني ۽ ٻين جا رايا پڻ شامل آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1921.01.12  عيسوي

عوامي شاعر شيرل ‘بيوس’ باڊاهيءَ جو جنم 12 جنوري 1921ع تي ڳوٺ حيدر چانڊيو، تعلقي ميري خان، ضلعي لاڙڪاڻي (هاڻوڪي قنبر شهدادڪوٽ) ۾ ٿيو.


1956.11.17  عيسوي

شيرل بيوس باڊاهي 17 نومبر 1956ع تي وفات ڪئي.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ادل سولنگي
باشو 1
پٺاڻ محمد علي
احمد بخش بدوي
شتروگن جسواڻي
جوڻيجو عبدالغفور عابد
آڪاش انصاري ڊاڪٽر
تاجدار عادل
پرڀداس آوت رام ڪندناڻي
جويو دادن فقير
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون